اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ ڪراچي يو??يو??سٽي ڌماڪي جي نتيجي ۾ چيني رهواسين جي جاني نقصان تي افسوس جو ا??هار ڪيو، پورو پاڪستان پنهنجي چيني ڀائرن سان ڀرپور يڪجهتي جو ا??هار ڪري ٿو. راجا پرويز اشرف چيو ته پاڪ چين دوستي تي حملو ٿيو آهي، پاڪستان دشمن جو تعاقب ڪندو، دهشتگرد پنهنجي ڪڌن مقصدن ذريعي پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصو??ي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پاڪستان عظيم دوست چين سان پنهنجي سدابهار، لازوال دوستي تي آن?? اچڻ نه ڏيندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته چيني رهواسين جي سيڪيورٽي لاءِ هر ممڪن وسيلن کي استعمال ۾ آندو ويندو، پاڪستاني عوام چيني رهواسين جي مارجڻ تي ڏکويل آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيني سفارتخاني ۾ مهمانن جي لاءِ رکيل ڪتاب ۾ چيني رهواسين جي جاني نقصان تي چين جي حڪومت ۽ عوام سان همدردي جو ا??هار ڪندي پنهنجا تعزيتي تاثر قلمبند ڪيا.