اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽريفڪ حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس ڪانسٽيبل سهيل احمد خان جي وارثن سان ٽ??ليفون تي رابطو ڪري ساڻس تعزيت جو اظهار ڪيو. ايو??ن صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر شهيد جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دع?? ڪئي. صدر وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ زخمي پوليس ڪانسٽيبل رئيس خان جي به عيادت ڪئي. صدر ان موقعي تي رئيس خان جي جلد صحتيابي لاءِ به دع?? ڪئي. ٻئي اهلڪارن ايو??ن صدر ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيا هئا ۽ کين موڪل تي گهر ويندي حادثو پيش آيو هو.