اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شيخ محمد بن زيد النهيان کي گڏيل عرب امارات جو صدر چونڊجڻ تي دلي مبارڪبا?? ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، نئين صدر جي ??يا??ت ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. صدر چيو ته اميد آهي ته گڏيل عرب امار??ت توهان جي ??يا??ت ۾ ترقي جون وڌيڪ منزلون طئي ڪندو.