اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ ترڪيءَ جا ڀائراڻا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي عوام جي دلين ۾ رهن ٿا، ٻ??ي قومون گڏيل سماجي، ثقافتي ۽ مذهبي قدرن تي ٻڌل مثالي دوستاڻا لاڳاپا رکن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪس??ان ۾ ترڪيءَ جي عهدو ڇڏيندڙ سفير احسان مصطفيٰ يرادڪ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صد?? چيو ته پاڪس??ان ۽ ترڪيءَ جا ڀائراڻا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي عوام جي دلين ۾ رهن ٿا. ٻ??ي قومون گڏيل ساماجي، ثقافتي ۽ مذهبي قدرن تي ٻڌل دوستاڻا لاڳاپا رکندڙ آهن. اميد آهي ته گڏيل طور تي فائديمند گهڻ رخا لاڳاپا مستقبل ۾ به مضبوط کان مضبوط تر ٿيندا. ترڪيءَ ۽ پاڪس??ان ٻين مسلمان ملڪن سان گڏ او آءِ سي ۽ گڏيل قومن سميت مختلف فورمن تي اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪيو. صد?? چيو ته گڏيل ڪوششن جي ڪري گڏيل قومون 15 مارچ اسلامو فوبيا سان مقابلي جي عالمي ڏهاڙي طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو. اسلامو فوبيا سڄي دنيا ۾ ۽ خاص طور تي ڀارت ۾ وڌي رهيو آهي. ڀارت ۾ سمورن مذهبي اقليتن خاص طور تي مسلمانن کي بنا ڪنهن خوف جي ظلم ۽ تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ڀارت ۾ مسلمانن جي گهرن ۽ عبادتگاهن کي مسمار ڪيو ويو. هن چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن جي مذهبي علامتن ۽ شخصيتن جي توهين ڪئي وئي. صد?? ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي ترڪيءَ پاران پاڪس??ان جي مستقل حمايت جا ٿورا مڃيا. ٻئي ملڪ قب??ص، غيرقانوني ڀارتي قب??ي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گڏيل قومن جي نئين سر جوڙجڪ جي معاملي تي هڪ جهڙا خيال رکندڙ آهن. صد?? عهدو ڇڏيندڙ سفير کي اسلام آباد ۾ پنهنجي ملازمت جو مدو مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني. صد?? پاڪ ترڪ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ سفير جي ذاتي ڪردار کي پڻ ساراهيو.