اسلام آب??د ?? 03 – آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ محمد يوسف نقاش 5 آگسٽ 2019ع کي ڪشمير ۽ ڪشميرين جي سڃاڻپ تي حملي جو ڏينهن قرار ڏيندي گڏ??ل قومن تي زور ڏنو آهي ته هو ڀارت کي ان غيرقانوني ۽ غيراخلاقي قدم تي جوابده بڻائي. سرينگر مان جاري بيان موجب ڀارت جي ڪشمير بابت 5 آگسٽ 2019ع جو هڪطرفو قدم گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي سڌي سنئين خلاف ورزي آهي. هن چيو ته گڏ??ل قومن جي قراردادن موجب عالمي برادري ڪشمير کي تڪراري علائقو تسليم ڪري ٿي. حريت ڪانفرنس جي اڳواڻ چيو ته ڀارت خطي ۾ هڪ بي رحم غنڊو بڻجي چڪو آهي، هو نه رڳو ڀارت کي اقليتن پر پاڙيسري ملڪن جي سلامتي جي لاءِ به سيڪيورٽي خطرو آهي. هن چيو ته ڀارت جا وسيع پسنداڻا ارادا ڏکڻ ايشيا خطي جي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن. گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جو احترام نه ڪرڻ تي ڀارت جي مذمت ناڪافي آهي. محمد يوسف نقاش چيو ته جيڪڏهن ڪجهه باضمير ملڪن ۽ انساني حقن جي تنظيمن 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني قدم کانپوءِ ڀارتي حڪمرانن پاران کن??ل قدمن جي خلاف آواز اٿاريو پر ڪجهه بااثر ملڪن جي خاموشي سڌي طر?? يا اڻ سڌي طرح ڀارت جي حوصلا افزائي ڪئي آهي. محمد يوسف نقاش چيو ته ڪشميرين جي غيراعلانيل گرفتارين ۽ ??تل??م ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته ڀارت پنهنجو هوش وڃائي ويٺو آهي. هن چيو ته گڏ??ل قومون ۽ ٻيا بااثر ملڪ خاموشي ٽوڙين ۽ ڪشميرين جي حق ۾ آواز اٿارين ۽ انهن کي گڏ??ل قومن جي ذريعي خودمختياري جو حق ڏيارڻ ۾ مدد ڪن.