سکر -10 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سي??ريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي، ته پاڪستان ۾ هاڻوڪين برساتن سبب بنا شڪ جي قيمتي انساني جانين، ملڪيتن، چوپائي مال ۽ روزگار جي ذريعن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، پر اميدون زنده آهن ۽ اميدن کي ڪو به نقصان نه ٿيو آهي، اميدن کي زنده رکڻ لاءِ پاڪستان کي هن وقت عالمي امداد ۽ مدد جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ماحولياتي ت??ديلي جي ت??اه ڪن اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي پائيدار ۽ مضبوط بنيادي ڍانچي جي ضرورت آهي، انهي لاءِ عالمي برادري ۽ مالياتي ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري جي موقعي تي سکر پهچڻ تي بريفنگ وٺڻ کان پوءِ پنهنجي مختصر خطاب ۾ سي??ريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو ته هن ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو پاڻ جائزو ورتو آهي، هاڻوڪي برسات سبب بنا شڪ جي انساني جانين، ملڪيتن، چوپائي مال ۽ روزگار جي ذريعن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، پر اميدون زنده آهن، اميدن کي ڪو به نقصان نه پهتو آهي. سي??ريٽري جنرل چيو ته اميدن کي زنده رکڻ لاءِ پاڪستان کي هن وقت عالمي امداد ۽ مدد جي تمام گهڻي ضرورت آهي. هن چيو ته جيستائين انسانيت، فطرت تي حملو ڪيو ته فطرت ٻوڏ ۽ غيرمعمولي موسمياتي ت??اهي جي صورت ۾ جوابي حملو ڪندو آهي، موسمياتي ت??ديلين ۽ ان سان ٿيل نقصانن کان بچڻ لاءِ اسان کي ماحول کي نقصان پهچائيندڙ گئسن جي نيڪال ۾ فوري طور 50 سي??ڙو گهٽتائي ڪرڻي پوندي. گڏيل قومن جي سي??ريٽري جنرل چيو ته ماحولياتي ت??ديلي جي ت??اهه ڪن اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي پائيدار ۽ مضبوط بنيادي ڍانچي جي ضرورت آهي، انهي لاءِ عالمي برادري ۽ مالياتي ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته عالمي برادري ۽ ادارن کي قدرتي آفتن ۽ ان سبب ٿيل تباهي ۽ نقصان جي ازالي لاءِ پاڪستان جي دل کولي مدد ۽ معاونت جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ماحولياتي ت??ديلين سبب متاثر ٿيندڙ 50 سرفهرست ملڪن ۾ شامل آهي، حالانڪه ماحول کي نقصان پهچائيندڙ گئسن جي نقصان ۾ پاڪستان جو حصو تمام گهٽ آهي، انهي جي روشني ۾ ا??صاف جي تقاضا آهي، ته ان کي وڌ کان وڌ امداد ۽ مدد ڏني وڃي، ته جيئن هو ماحولياتي ت??ديلين سبب ٿيل نقصان لاءِ پائيدار بنيادي ڍانچو قائم ڪري سگهي. سي??ريٽري جنرل چيو ته گڏيل قومون ۽ ان جا ادارا پاڪستان ۾ ٻوڏ کان پوءِ پنهنجو ڪم ڪري رهيون آهن، اسان جا وسيلا محدود آهن، اسان پاڪستان جي عوام سان گڏ آهيون، اسان جيڪي ڪجهه ڪري سگهون ٿا اهو ڪنداسين. سي??ريٽري جنرل چيو ته ماحولياتي ت??ديلين جي باري ۾ آگاهي پکيڙڻ ۾ عالمي ادارو پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، اسان عالمي برادري ۽ عالمي مالياتي ادارن کي درخواست ڪيون ٿا، ته هو پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر آبادي جي لاءِ اڳتي اچن. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وزيراعظم ۽ گڏيل قومن جي سي??ريٽري جنرل کي هاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ جي ٻهراڙي توڙي شهري علائقن ۾ ٿيل نقصانن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعليٰ سنڌ ٻڌايو ته هاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ امدادي ڪارروائيون جاري آهن، پر جيڪي چئلينج اسان کي موجود آهن، اهي تمام وڏا اهن. هن وقت ڪيترن ئي علائقن ۾ 6-6 فوٽ پاڻي بيٺل آهي، امداد ۽ بحالي لاءِ اسان کي کربين رپيا گهربل آهن جڏهن ته اسان جا وسيلا محدود آهن. هن بڌايو ته ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن لاءِ اسان کي وڌيڪ خيمن، مڇر مار اسپري ۽ ٻين امدادي شين جي ضرورت آهي.