اسلام آباد-28 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ سازگار ماحول جڙي رهيو آهي، افغانستان خوشحال ٿيندو ته پاڪستان پڻ خوشحال ٿيندو، افغانستان ۾ امن عمل لاءِ پاڪستان جون ڪوششون دنيا تسليم ڪري رهي آ??ي. افغانستان ۾ امن جي حوالي ??ان پاڪستان سول ۽ ملٽري سميت سمورا ادارا هڪ پيج تي آ??ن ۽ افغانستان ۾ امن ۽ تعمير ۾ دلچسپي رکن ٿا. امن جي قيام جي حوالي ??ان ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار جون نيون راهون کُلنديون، ان حوالي ??ان واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود جلد افغانستان جو دؤرو ڪندو. گذريل ڏينهن افغانستان اعليٰ سطحي مفاهمتي ڪائونسل جي چيئرمين عبدالله عبدالله سان ڳا??هين کانپوءِ ميڊيا سان ڳا??هائيندي پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان ۾ امن عمل ۾ پاڪستان جيڪو ڪردار ادا ڪيو اها دنيا ساراهي رهي آ??ي.