اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب جو اي پي پي جو دورو

image
APP39-260521 ISLAMABAD: May 26 – State Minister for Information and Broadcasting, Farrukh Habib is being received by MD Dr. Tariq Mahmood Khan during his visit to Associated Press of Pakistan headquarters. APP photo by Irfan Mahmood

اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جو دورو ڪيو، جتي کيس ايي پي پي جي ايم ڊي طارق محمود پاران اي پي پي جي معاملن، نيوز سروسز ۽ ٻين معاملن بابت بريفنگ ڏني وئي. مملڪتي وزير اي پي پي جي مختلف نيوز سروسز ۽ شعبن جو دورو پڻ ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اي پي پي رياستي ميڊيا جو اهم حصو آهي جيڪو نه رڳو پاڪستان پر دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪري رهيو آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف واحد پارٽي آهي جنهن اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ميڊيا تي ڪنهن به قسم جو سينسر ناهي لڳايو.

مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina