ن ليگ ڪشميرين جا پنج سال ضايع ڪري ڇڏيا: فرخ حبيب

image
APP08-280721 ISLAMABAD: July 28 - Minister of State for Information and Broadcasting, Farrukh Habib addressing to media. APP

اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اليڪشن کان اڳ گيلپ سروي ۾ 44 سيڪڙو ماڻهن جي پي ٽي آءِ، ن ليگ 12 سيڪڙو ۽ پيپلزپارٽي 9 سيڪڙو حمايت جي رپورٽ جاري ڪئي هئي، پي ٽي آءِ ان کان وڌيڪ ڪشميرين جي سپورٽ ۽ ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي، ن ليگ ڪشميرين جا پنج سال ضايع ڪري ڇڏيا، فاروق حيدر حڪومت انهن پنج سالن ۾ ڪشمير کي ڇا ڏنو، پي ٽي آءِ آزاد ڪشمير ۾ رڪارڊ ووٽ حاصل ڪيا، ن ليگ کانسواءِ پيپلزپارٽي، مسلم ڪانفرنس، مقامي سياسي ۽ مذهبي پارٽين جي اميدوارن به ووٽ کنيا، ن ليگ ڇو انهن وٽن کي نظر انداز ڪري رهي آهي، ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ جو ڏهاڙيدار حمد الله محب سان ملاقاتون، مودي کي گلي لڳائڻ، حلف نامي تي نچندو ڪڏندو وڃڻ، انبن ۽ ساڙهين جي تحفي جي بدلي ڪشمير جو سودو ڪندڙن سان ڪشميرين حساب برابر ڪري ڇڏيو. راجا فاروق حيدر، شاهد خاقان عباسي ۽ احسن اقبال جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته عمران خان آمريڪي صدر ٽرمپ سان ملاقات دوران اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهه ڪئي، نواز شريف وانگر پرچيون نه کڻي ويو، هن چيو ته اهو عجيب منطق آهي ته جتي ن ليگ وارا کٽي وڃن اتي اليڪشن شفاف ۽ جتي هارائي وڃن تي ڌانڌلي ٿي ويندي آهي، ن ليگ کي گهرجي ته هو کلي دل سان چونڊ نتيجن کي تسليم ڪريو ۽ سڪون سان آئيني مدو پورو ٿيڻ جو انتظار ڪري. هن چيو ته ن ليگ جي چونڊ مهم عمران خان تي تنقيد، الزامن کانسواءِ ڪجهه نه هئي، مريم پوري اليڪشن مهم ۾ پنهنجي چاچي مودي جو نالو نه ورتو ۽ نه ئي مودي جي پاليسين جي مذمت ڪئي، هن چيو ته ن ليگ کي هاڻي عادي ٿي وڃڻ گهرجي ڇو ته گلگت بلتستان جي اليڪشن مهم ۾ اهڙيون ئي وڏيون وڏيون دعوائون ڪيون ويون پر سمورين سيٽن تي اميدوار نه بيٺل نه هئا، راجا فاروق حيدر جي ڪاميابي کي (ن) ليگ ڪهڙي نظر سان ڏسي ٿي، هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حڪومت سازي جي مرحلي تي ڪم ڪري رهي آهي، جيڪڏهن ڪو نتيجو نه مڃي ته ان سان ڪو به فرق نه ٿو پوي، ن ليگ کي ناڪام تحريڪن جو وڏو تجربو ٿي چڪو آهي، هاڻي آرام ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف آزاد ڪشمير ۾ تعمير ۽ ترقي جو ڄار وڇائيندي، هن چيو ته جيڪو ڪم نواز شريف ۽ شهباز نه ڪري سگهيا اهو ڪم مريم صفدر ڪجهه مهينن ۾ ڪري ڏيکاريو، ان ڳالهه جو ڪريڊٽ واقعي ئي مريم ڏانهن ويندو آهي ايتري گهٽ عرصي ۾ پوري پارٽي کي درياءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو.

مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے