اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف جي درخواست تي قانوني فيصلو ڏنو آهي: فواد حسين

image
APP71-25 ISLAMABAD: February 25 - Federal Minister for Information and Broadcasting, Chaudhary Fawad Hussain addressing International Conference on ‘Occupied Kashmir’ The Victim of State & Societal Coercion’. APP

اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف جي طبي بنيادن تي ضمانت جي درخواست تي صحيح قانوني فيصلو ڏنو آهي، جيڪڏهن طبي بنيادن تي ضمانت ٿيڻ شروع ٿي وڃي ته ايمنسٽي اسڪيم بڻجي ويندي ۽ اڌ جيل خالي ٿي ويندا، ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اقتدار ۾ رهندڙ چون ٿا ته اسان جو علاج پاڪستان جي اسپتالن ۾ نه آهي پر ٻاهرئين ملڪن مان ڪرايو وڃي، اهي رڳو پاڪستان جو وزيراعظم بڻجڻ چاهين ٿا، عدالتي فيصلي کانپوءِ ڊيل يا ڍر جو اثر به ختم ٿي ويو آهي. هو پاڪستان هائوس جي اهتمام هيٺ انٽرنيشنل ڪانفرنس کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام