پرويز مشرف کي شفاف ٽرائل جو بنيادي حق ناهي ڏنو ويو: اٽارني جنرل

image
APP91-17 ISLAMABAD: December 17 - Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr Firdous Ashiq Awan & Anwar Mansoor Khan, Attorney General of Pakistan addressing a press conference. APP

اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) اٽارني جنرل انور منصور خان چيو آهي ته پرويز مشرف کي آرٽيڪل 10 تحت شفاف ٽرائل جو بنيادي حق ناهي ڏنو ويو، ارڙهين ترميم ۾ آرٽيڪل 90 ۾ ترميم ڪئي وئي جنهن کانپوءِ شڪايت ڪندڙن کي ڪابينا کان منظوري وٺڻي لازمي هئي پر پرويز مشرف خلاف شڪايت ڪندڙ ڪابينا کان درخواست داخل ڪرڻ جي ڪا منظوري نه ورتي. اطلاعات ۽ نشريات بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اٽارني جنرل انور منصور چيو ته اڄ هڪ فيصلو ٻڌايو ويو جنهن ۾ غير حاضر (ر) جنرل پرويز مشرف کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي، آئون ڪنهن شخص جي حق ۾ نه پر قانوني رخن تي ڳالهه ڪندس.

مضمون کا ماخذ : loteria estadual
متعلقہ مضامین
مزید خبریں