ميڊيا ۽ مسجدن وسيلي ٿيليسيميا بابت معاشري ۾ آگاهي پيدا ڪئي وڃي: صدر

image
APP51-19 RAWALPINDI: December 19 - President Dr. Arif Alvi addressing at the 14th International Thalassaemia Conference & Workshop in Rawalpindi Medical University. APP

اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٿيليسيميا جي مرض جي وقت سر سڃاڻپ احتياطي تدبيرن ۽ علاج تي زور ڏيندي چيو آهي ته ميڊيا ۽ مسجدن جي ذريعي معاشري ۾ آگاهي پيدا ڪري ان مرض کي پکڙجڻ کان روڪي سگهجي ٿو، ٿيليسيميا جي روڪٿام لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻا پوندا، صحت جي شعبي کي وزيراعظم جي ترجيحن ۾ اولين حيثيت حاصل آهي، صحت جي بجيٽ کي وڌايو ويو آهي، پاڪستان کي سرسبز ۽ صاف بڻائڻ لاءِ هر شخص کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپندي ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ 14 هين نيشنل ٿيليسيميا ڪانفرنس اينڊ ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável
متعلقہ مضامین
مزید خبریں